پاڪستانسنڌ

سيري جي رهواسڻ جو ڌي سان مبينا زيادتي ڪوشش خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان: سيري جي ڳوٺ ڇلگري لڳ درگاهه برهان شاهه بخاري جي رهواسڻ بااثر ماڻهو پاران سندس ڌي سان مبينا زيادتي ڪوشش خلاف ٽنڊو محمد خان ۾ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عورت صحافين آڏو دانهيندي الزام هنيو ته منهنجي ڌي سان علائقي جي بااثر ماڻهو زبردستي گهر ۾ داخل ٿي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ رڙين ڪرڻ ته آئون ڊوڙي گهر پهتس ته علائقي جو بااثر منهنجي ڌي مٿان تشدد ڪري رهيو هو.

جڏهن ان کي روڪيو ته هن مون مٿان پڻ تشدد ڪري موتمار ڌمڪيو ڏيندي فرار ٿي ويو. واقعي خلاف اسان سيري ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس اڃان تائين ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي. هن ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ اعلى اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button