پاڪستانسنڌ

“ڪلديپ جو موت قتل آهي” مهراڻ يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ريلي، ڌرڻو

ڄامشورو: ڄامشورو ۾ مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا پاران لڳرايل بلڊ ڊونيشن ڪئمپ ۾ رت جو عطيو ڏيڻ تي شاگرد ڪلديپ ڪمار جي فوت ٿيڻ واري واقعي خلاف مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن ريلي ڪڍي مهراڻ يونيورسٽي جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، شاگرد جي خون سان انصاف لاءِ شاگردن طرفان مک گيٽ اڳيان لڳايل 2 ڪلاڪ ڌرڻي واري هنڌ يونيورسٽي انتظاميا پهچي شاگردن سان ڳالهيون ڪري شاگرد فوت ٿيڻ واري معاملي تي پنج رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ شاگردن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو. جاچ ڪاميٽي ۾ ڪنوير ڊين فيڪلٽي آف آرڪيٽيڪچر اينڊ سول انجنيئرنگ خان محمد بروهي، ميمبر ڊاڪٽر انيل ڪمار ڊين فيڪلٽي آف سائنس ٽيڪنالاجي، ڊاڪٽر تنوير حسين ايڊوائيز اسٽوڊنٽ افيئر، پي محمد نياز ابڙو ميڊيڪل ڊاڪٽر ۽ رجسٽرار جي اڳواڻي ۾ جاچ ٽيم جوڙي نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو. جاچ مڪمل تائين يونيورسٽي اندر بلڊ ڊونيشن تي بندش ڪئي لڳائي وئي. ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙ شاگرد امير بخش وساڻ، نويد ڪاڪيپوٽو، اظهر چانڊيو، عذوش لنجار، منصور احمد ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن مهراڻ يونيورسٽي اندر رت جو عطيو ڏيڻ دوران شاگرد ڪلديپ ڪمار جي طبعيت اوچتو خراب ٿي پئي هئي، شاگرد ڪمزور هو ته پوءِ ڇو زبردستي رت ڪڍيو ويو، اسان سمجهون ٿا ته هي شاگرد جو قتل آهي، ان لاءِ پوليس ۽ ٻيا ادارا جاچ ڪن ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته اسان يونيورسٽي مان هاڻي ڪيترا شاگردن جا لاش کڻنداسين، رت جي راند بند ڪئي وڃي، شاگرد سراپا احتجاج بڻيل آهن پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار توڙي ڊين ڌرڻي ۾ نه پهتا آهن، اسان سمجهون ٿا ته شاگرد ڪلديپ ڪمار جي قتل ۾ انتظاميا ملوث آهي، ڪاميٽي ۾ شاگردن کي شامل ڪري جوڊيشل انڪوائري ڪئي وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button