اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پاڪستان ۽ ترڪي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جا موقعا موجود آهن:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ شين جي واپار جي معاهدي سان ٻنهي ملڪن لاءِ نوان دڳ کلندا، ٻطرفو واپار وڌائڻ لاءِ معاهدي تي پوري طرح عمل ڪيو ويندو. جمعي تي هتي پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ واپاري معاهدي تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جا تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن ۾ هي معاهدو هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته مئي ۾ اسان جي ترڪي جي دوري کان پوءِ پاڪستان ۽ ترڪي طرفان معاهدي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪيو ويو. هن چيو ته ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان جي مثالي قيادت ۾ ترڪي جي واپار واري وزير مهمت مڇ ۽ پاڪستان جي واپار واري وزير نويد قمر ۽ ٻنهي ملڪن جي سفيرن ۽ ٻين عملدارن گهڻي محنت ڪئي آهي. نويد قمر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ معاهدي تحت ٻئي ملڪ پنهنجي پنهنجي شين جو واپار ڪري سگهندا ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي معيشت سگهاري ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي واپار لاءِ مختلف شين تي هڪ ٻئي کي رعايت ڏني آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي ٻطرفي واپار جو حجم 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جا خواهشمند آهيون.هن معاهدي سان اسان پنهنجو ٻطرفو واپار 5 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهنداسين. معاهدي تي وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ ترڪي جو واپار وارو وزير مهمت مڇ صحيحون ڪيون. تقريب ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ڌسماءَواري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ماحولياتي تبديلي جي وفاقي وزير شيري رحمان، سيڙپڪاري بورد جو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر به موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button