اسلام آبادپاڪستان

آئي ايم ايف قرض پروگرام تي راضپي وارو خط پاڪستان کي ملي ويو، قسط ملڻ جا امڪان

اسلام آباد :بين القوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) طرفان قرض پروگرام تي راضپي وارو اماڻيل خط پاڪستاني اختيارين کي ملي ويو آهي. ذريعن موجب پاڪستان طرفان صحيحون ڪرڻ بعد ليٽر واپس آءِ ايم ايف ڏانهن اُماڻيو ويندو. پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي ۾ هاڻ رڳو بورڊ جي منظوري رهيل آهي. ناڻي واري وزارت ذريعن موجب پاڪستان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ پاران موڪليل خط تي صحيح ڪري واپس موڪليندو، جنهن کانپوءِ آءِ ايم ايف بورڊ پروگرام جي بحالي لاءِ ايندڙ قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيندو. ياد رهي ته پروگرام جي بحالي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن ۽ ان حوالي سان مختلف ملڪن سان آرمي چيف جي رابطن کانپوءِ قسط ملڻ جي اميد وڌي رهي آهي. جڏهن ته ڊالر جي قيمت ۾ به آهستي آهستي گهٽتائي ٿي رهي آهي. مثبت معاشي اشارن جي نتيجي ۾ گذريل ٻن هفتن کان ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ 215 ڏهائي 79 رپيا تي بيٺو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button