اسلام آبادپاڪستان

فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ڇنڊڇاڻ لاءِ اسلام آباد ۽ چئني صوبن ۾ ٽيمون قائم

اسلام آباد : ايف آئي اي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ لاءِ چئني صوبن ۽ اسلام آباد ۾ ٽيمون جوڙي ڇڏيون. ايف آئي اي پاران جاري ڪيل بيان مطابق پرڏيهي فنڊنگ جي جاچ ۾ اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ لاءِ چئني صوبن سان گڏوگڏ اسلام آباد ۾ ٽيمون جوڙيون ويون آهن. ايف آئي اي مطابق اسلام آباد ۾ ٽيم جي قيادت ڊپٽي ڊائريڪٽر آمنا بيگ ڪندي جڏهن ته ان جي 6 رڪني ٽيم ۾ اجمل صديق، سردار الله بابر، اصغر بلوچ، ريحانه ڪوثر ۽ ارباب عباسي شامل هوندا. ايف آئي اي عملدارن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ ايف آئي اي جي ٽيم محمد علي ابڙو، محمد راشد ڀٽي، افروز احمد ڪلوڙ ۽ راجا محمد امتياز تي ٻڌل هوندي. خيبرپختونخوا جي پنج رڪني ٽيم جي قيادت ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد آفتاب بٽ ڪندو. جڏهن ته ٽيم ۾ افضل نيازي، طاهر خان، عرفان الله ۽ صائما نديم شامل هوندي. سنڌ زون ون جي پنج رڪني ٽيم جي سربراهي ڊپٽي ڊائريڪٽر رابعا قريشي ڪندي ۽ ٽيم ۾ رئوف شيخ، سبين غوري، آفتاب وٽو ۽ راحت خان شامل آهن. جڏهن ته پنجاب زون ون ٽيم جو سربراهه ڊپٽي ڊائريڪٽر ميان عامر اقبال هوندو. جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ محمد يوسف، شاهد علي ۽ عرفان خان شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button