پاڪستانسنڌ

بلوچستان ۾ لڳاتار وسڪارو،سوين گهر ۽ ڍور لڙهي ويا،شهرن ۾ ٻوڏ جو خطرو

ڪوئيٽا: بلوچستان ۾ طوفاني مينهن ۽ ٻوڏ اچڻ ڪري سوين گهر ۽ ڍور ڍڳا ٻڏي ويا، توبا اچڪزئي ۽ توبا ڪاڪڙي ۾ رابطي جو اهم ذريعو روڊ رستا پاڻي جو تيز وهڪرو اًچڻ سبب ٻيهر بند ٿي ويا. مليل ڄاڻ موجب بلوچستان ۾ چمن جي علائقي مسلم باغ ۾ ٻوڏ جي وهڪري سبب شديد نقصان پهتو آهي، جتي 100 کان وڌيڪ گهر، گاڏيون، سوين وڻ ۽ ڍور ٻڏي ۽ لڙهي ويا، جڏهن ته پليون ۽ روڊ رستا ٻڏڻ سبب امدادي ٽيمن لا پهچڻ مشڪل ۽ علائقي واسين جون پريشانيون ٻيڻيون ٿي ويون آهن، پاڪ-افغان سرحدي علائقا به زوردار برساتن جي گهيري ۾ آيل آهن. هوڏانهن پي ڊي ايم اي اختيارين جو چوڻ آهي ته چمن جي اڪثر علائقن ۾ وڌيڪ طوفاني برساتن جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قلعا سيف الله، لورالائي، بارکان، ڪوهلو، موسيٰ خيل، سبي، بولان، قلات، خضدار، لسٻيلا، آواران، تربت ۽ پنجگور ۾ به ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button