اسلام آبادپاڪستان

عمران ملڪ کي نقصان رسايو،ادارا حدن ۾ رهي ڪم ڪن:بلاول ڀٽو

اسلام آباد : پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي مسئلن جو حل رڳو پيپلز پارٽي وٽ آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته پيپلز پارٽي هر چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ پڻ ڪاميابي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان جي مسئلن جو حل رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ آهي. مخالف چوندا آهن پيپلز پارٽي رڳو سنڌ تائين محدود آهي ۽ اتي ئي ڪاميابي ماڻي سگهي ٿي، پر پيپلز پارٽي پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ پڻ سيٽون حاصل ڪيون آهن. آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت چيو ته ملازمت ۾ واڌ بابت ڪا ڄاڻ ناهي. جڏهن ته ادارن جي مضبوطي لاءِ ضروري آهي ته ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن. هن چيو ته عمران خان چئن ورهين دوران ملڪ کي نقصان رسايو ۽ پنجاب ۽ سندس نقصان جو پورائو هڪ رات يا ڏينهن ۾ نٿو ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button