اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ طرفان آمريڪا ۾ لابنگ فرم جون خدمتون وٺڻ جو انڪشاف

اسلام آباد :پي ٽي آءِ طرفان آمريڪا ۾ لابنگ فرم جي خدمتون حاصل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ 6 مهينن لاءِ 25 هزار ڊالر ماهوار تي لابنگ فرم فينٽن آر لوڪ جون خدمتون حاصل ڪيون ۽ معاهدي پٽاندڙ ڪمپني پي ٽي آءِ کي پبلڪ ريليشنز سروسز فراهم ڪندي. ان کانسواءِ ڪمپني آرٽيڪلز ڇپرائڻ، پي ٽي آءِ نمائندن ۽ حمايتن جا ٽي وي انٽرويوز ڪرڻ جو بندوبست ڪندي. وفاقي وزير احسن اقبال پي ٽي آءِ ۽ لابنگ ڪمپني وچ ۾ معاهدي جا تفصيل جاري ڪيا آهن. احسن اقبال سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي تفصيل جاري ڪندي پي ٽي آءِ کي تنقيد جو نشانو بڻايو. وفاقي وزير احسن اقبال مشهور شعر جي سٽ ” شرم توم ڪو مگر نهين آتي ” لکي، ان سان گڏوگڏ لکيائين ته عمران خان قوم ۾ آمريڪا خلاف سازشي ٿيوري گهڙي نفرت پيدا ڪئي ۽ هاڻ پاڻ آمريڪا کان معافي گُهري رهيو آهيو. احسن اقبال وڌيڪ لکيو ته عمران خنا پهريان نمائندا موڪليا ۽ پوءِ وري پاڻ سفير کي ميڙ منٿ ڪيائين، هن ڪپتان جا ڪيترا چهرا آهن؟ ڪمپيوٽر به پريشان ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button