اسلام آبادپاڪستان

اڱاري کان خميس دوران شديد برساتن جو امڪان آهي:موسميات کاتو

اسلام آباد: 16 کان 18 آگسٽ 2022ع دوران سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ شديد برساتن جو امڪان آهي. موسميات کاتي طرفان جاري ايڊوائزي رپورٽ مطابق عربي سمنڊ مان ٺهندڙ هوا جو شديد گهٽ دٻا مڪران ساحل سان گڏوگڏ اولهندي طرف وڌي رهيو آهي. جنهن سبب مون سون هوائون ملڪ جي ڏاکڻي علائقن ۾ مسلسل داخل ٿي رهيو آهن. هوا جو هڪ ٻيو شديد گهٽ دٻا 16 آگسٽ کان سنڌ ۾ داخل ٿيندو. جنهن جي سبب 14 کان 16 آگسٽ دوران سنڌ، بلوچستان، پنجاب، اسلام آباد، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن گجگوڙ سان برسات ۽ ڪجهه جاين تي تيز برسات جو امڪان آهي. اهڙي طرح 16 کان 18 آگسٽ دوران سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان اڪثر جاين تي برسات ۽ ڪٿي ڪٿي تيز برسات جي به اڳڪٿي آهي. موسميات کاتي چيو آهي ته 14 کان 18 آگسٽ دوران تيز برساتن سبب ڪراچي، ٺٽو، بدين، حيدرآباد، دادو، ڄامشورو، سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظيرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ هيٺيان وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خطرو آهي. ساڳي طرح 15 کان 16 آگسٽ دوران تيز برساتن جي نتيجي ۾ راولپنڊي، اسلام آباد، سيالڪوٽ، نارووال، ايبٽ آباد، مانسهره، دير، ڪرڪ، بنون، لڪي مروت ۽ ڪشمير جي مقامي ندي نالن ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي. رپورٽ مطابق ان دوران ڪشمير، خيبرپختونخوا جي جابلو علائقن، گليات، مري، چلاس، ديامير، هنزه، استور ۽ سڪردو ۾ ڇپون ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي ماهيگيرن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته 16 کان 18 آگسٽ دوران معمولي جي سرگرمين دوران محتاط رهن. اهڙي طرح مسافر ۽ سياح موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي سفر ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button