اسلام آبادپاڪستان

شهبازشريف طرفان ميثاق معيشت جي آڇ/قوم کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان پاڪستان کي اهڙو نه ٺاهيو جو قائد ۽ ٻين جا روح خوش ٿين، اسان انهن جي اصل مقصدن کي اختيار نه ڪيو. هڪ ڀيرو ٻيهر ميثاق معيشت جي آڇ ڪندي هن چيو آهي ته اڄ رڳو مبارڪون ڏيڻ ڪافي ناهي، اسان هر سال آزادي جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون ۽ حقيقت اها آهي ته اسان 75 سالن ۾ اصل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون. ڪالهه قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستاني عوام کي 75هين آزادي ڏهاڙي جون واڌايون پيش ڪيان ٿو. وڏين قربانين کانپوءِ پاڪستان حاصل ڪيو ويو، اسان هر سال ڌام ڌوم سان هي ڏينهن ملهائيندا آهيون. هن چيو ته مان کليل دل سان اعتراف ٿو ڪيان ته پنهنجي نوجوان نسل کي حق نه ڏئي سگهياسين، اسان پنهنجي ٻارن کي اهو سڀ ڪجهه نه ڏئي سگهياسين، جنهن جا اهي حقدار آهن. اسان بحرانن ۾ وٺجي ويا آهيون، سڀ کان وڏو بحران معاشي آهي، اسان بحرانن جو شڪار ڇو ٿيا آهيون؟ سندس چوڻ هو ته هيءَ اها ئي قوم آهي، جنهن ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۾ وسيلا نه هجڻ باوجود ايٽمي پروگرام شروع ڪيو. اها ئي قوم آهي، جنهن نواز شريف جي قيادت ۾ ايٽمي پروگرام مڪمل ڪيو، هن مهيني ارشد نديم ۽ روح بٽ ڪاميابيون ماڻي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو، هن ئي قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، اسان جي قوم هر مقصد کي ڪامياب ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته اڄ قوم کي ورهايو پيو وڃي، ڏڦيڙ ۽ نفرت جا ٻج ڇَٽيا پيا وڃن، گذريل حڪومت جي پيدا ڪيل معاشي صورتحال بحران پيدا ڪري ڇڏيو. اڄ مالي محتاجي اسان جي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي، اسان مختصر وقت ۾ پاڪستان کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ رات ڏينهن محنت ڪئي، پاڪستان معاشي طور ڏيوالي کان بچي ويو آهي. شهباز شريف چيو ته اڳوڻي حڪومت 48 ارب ڊالرن جو تاريخي خسارو ڇڏيو، ان تاريخي خساري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اسان کي قرض وٺڻو پيو. ڇا اها حقيقي آزادي آهي؟ مان اپوزيشن ۾ هوندي به حڪومت کي ميثاق جمهوريت جي دعوت ڏني هئي، اڄ حڪومت ۾ هوندي به ان عزم جو اظهار ڪيان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button