اسلام آباد : غيرقانوني پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ وفاقي جاچ اداري ( ايف آءِ اي ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ڏانهن خط اُماڻي ڇڏيو آهي.غيرقانوني فنڊنگ ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل ايف آءِ اي جي انڪوائري ٽيم طرفان خط لکيو ويو آهي ته جنهن ۾پي ٽي آءِ چيئرمين کان بئنڪ اڪائونٽن جا تفصيل ۽ اسٽيٽ مينٽس طلب ڪيا ويا آهن.ايف آءِ اي عمران خان کي گهربل رڪارڊ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي چيو ته مختلف اڪائونٽن مان ڪڍرايل رقم جو رڪارڊ جمع ڪرايو وڃي.ايف آءِ اي طرفان عمران خان کي پي ٽي آءِ لاءِ ملندڙ فنڊز ۽ ميمبرشپ جي مد ۾ هيل تائين ورتل فيس جا تفصيل پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته سمورين ڪمپنيز ۽ شخصيتن جا تفصيل ڏنا وڃن، جِن پي ٽي آءِ جي مالي مدد ڪئي.جڏهن ته عمران خان کي اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل فارم جا تفصيل فراهم ڪرڻ جو پڻ چيو ويو آهي. ايف آءِ اختيارين به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته تي غيرقانوني فنڊنگ ڪيس لاءِ جوڙيل انڪوائري ٽيم عمران خان لکي تفصيل طلب ڪيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close