سنڌ

سياسي يتيمن انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر قوم متحد آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي سياسي ڏاهپ ۽ دور انديشيءَ سان پاڪستان ٺاهيو ۽ هاڻي هڪ ذميوار قوم جي حيثيت سان اسانکي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ گھرجي ۽ سياسي ۽ معاشي طور تحفظ ڪري مضبوط ڪرڻ گھرجي. هن اها ڳالهه سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني سان گڏ مزار قائد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، جتي هو آزادي جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي باباءِ قوم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪابينا سميت پھتو ھو. وڏي وزير چيو ته ڪجهه سياسي يتيمن پنهنجا بي بنياد بيان ڏئي ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر هن ملڪ جو عوام سياسي طور باشعور ۽ قومي جهنڊي هيٺ متحد آهي. هن چيو ته اسان سڀني کي هن ملڪ جي ترقي لاءِ محنت ڪرڻ گھرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي اصل ۾ هڪ رٿابنديءَ وارو شهر هو، جنهن ۾ قدرتي پاڻيءَ جا رستا ۽ برساتي نالا موجود هئا، پر بدقسمتيءَ سان وقت گذرڻ سان گڏ سموريون قدرتي آبي گذرگاھون هائوسنگ اسڪيمن ۾ تبديل ٿي ويون ۽ برساتي نالن جي ڪنارن تي قبضا ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهي بنيادي سبب آھن، جنھن ڪارڻ مينھن جي پاڻي جو نيڪال هڪ چئلينج بڻجي ويو. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت شهر جي برساتي نالن جي بحالي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي ۽ مناسب صفائيءَ سبب مينھن جو پاڻي نيڪال ٿيو آھي. هن چيو ته اسان اڃا تائين پاڻي جي نيڪال جا مسئلا حل ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته تيز مينھن سبب سموري سنڌ اندر روڊن جي نيٽ ورڪ کي نقصان پهتو آهي. اسان شهر جي خراب روڊن جي تعمير لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا آهن ۽ سيوريج سسٽم جي مرمت لاءِ وڌيڪ فنڊ جو بندوبست ڪري رھيا آھيون. سيد مراد علي شاهه چيو ته موسمي تبديلين سبب تيز برساتون ٿي رھيون آهن. هن چيو ته هن سال جولاءِ ۾ بيمثال تيز برساتون ٿيون ۽ مون سون اڃا به جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسانجو ڊرينيج سسٽم اهڙين برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ نه ٺاهيو ويو هو ۽ هاڻي اسان پنهنجي مجموعي ڊرينيج سسٽم کي نئين سر ترتيب ڏيڻ يا بهتر ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهيون. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير وقتي گورنر سان گڏ باباءِ قوم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي. هنن مزار قائد تي آيل مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات پڻ قلمبند ڪيا، سنڌ جي وڏي وزير ۽ گورنر به مزار قائد تي جهنڊو ڦڙڪايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button