پاڪستانسنڌ

دادو ۾ ابهم ٻارڙي فوت، اسپتال انتظاميا تي الزام

دادو: دادو سول اسپتال ۾ ھڪ ورهين جي نينگري سپنا ڌي گلزار پنھور فوت ٿي وئي، جنهن بعد نينگري جي وارثن احتجاج ڪندي اسپتال انتظاميا تي غفلت جو الزام هڻندي چيو ته ٻارن واري وارڊ ۾ ڊيوٽي ڊاڪٽر نه ھجڻ سبب ٻارڙي فوت ٿي آھي، معصوم نينگري جي ڇاتي خراب ھئي، اسپتال انتظاميا ڊاڪٽر نه ھجڻ تي انجيڪشن لڳائي ته سپنا جي حالت خراب ٿي وئي ۽ فوت ٿي وئي. هنن گهر ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪرائي انصاف فراھم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button