سنڌ

خانپورمهر ڀرسان ماڪائي مائينر کي 30 فوٽ گهارو،فصل پاڻي هيٺ

خانپور مهر ويجهو ماڪائي مائينر کي ڳوٺ ڪٽڻ هارو ۽ ڪامل مهر وٽان 30 فوٽ جو گهارو پئجي ويو. گهارو لڳڻ ڪري ڪيترن ئي ايڪڙن تي پوکيل ساريالو ۽ ووئڻن جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. اطلاع باوجود آبپاشي عملو بروقت نه پهچڻ ڪري ڳوٺاڻن ڪيترن ئي ڪلاڪن جي مسلسل ڪوشش بعد پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪيو. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي غلام مصطفى مهر ۽ ٻين ٻڌايو ته شاخ جا ڪپر ڪمزور هجڻ توڙي پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ ڪري گهارو پئجي ويو آهي، جنهن فصلن کي وڏو نقصان پهچايو آهي. آبپاشي عملي کي بروقت اطلاع ڪيو پر عملو دير سان پهتو. هنن مطالبو ڪيو ته واهه جا ڪپر مضبوط ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button