سنڌ

ماهوٽا پيلس ڪيس:ڇا فاطمه جناح جي وصيت غلط هئي:عدالت

سنڌ هاءِ ڪورٽ ماهوٽا پيلس ۾ ميڊيڪل گرلز ڪاليج جي قيام بابت درخواستن تي 30 آگسٽ تائين فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ماهوٽاپيلس گيلري ٽرسٽ ۽ علائقي واسين طرفان ڌر بڻجڻ وارين درخواستن تي شنوائي ٿي، جنهن دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته محترمه فاطمه جناح ماهوٽا پيلس کي ڪاليج بڻائڻ جي وصيت ڪئي هئي. ان تي علائقي واسين جي وڪيل خواجه شمس الاسلام عدالت ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي، رهائشي پلاٽن تي ڪمرشل سرگرميون نٿيون ٿي سگهن. شنوائي دوران جسٽس ذوالفقار علي سوال اٿاريو ته ڇا محترمه جي وصيت تي عمل نه ٿيڻ گهرجي؟ ڇا محترمه فاطمه جناح کان غلطي ٿي وئي جو انهن ڪاليج بابت سوچيو، سڀاڻي اوهان چوندو ته انهن پاڪستان ٺاهي غلطي ڪئي. درخواست گذارن چيو ته محترمه جي استعمال هيٺ شين ۽ قيمتي سامان کي برباد ڪيو ويو، پيپلز پارٽي حڪومت غيرقانوني ٽرسٽ قائم ڪري ماهوٽا پيلس جي حوالي ڪري ڇڏيو، ڪمرشل سرگرمين تي علائقي واسين ڪو به اعتراض نه واريو، ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ تي علائقي واسين جي اعتراض جو جواز ناهي. عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 30 آگسٽ تي ٻڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button