پاڪستانسنڌ

سيوهڻ ڀرسان برساتن بعد ڏلهه ڊيم ٽٽي پيو، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ

دادو/سن: سيوهڻ تعلقي جي يونين ڪائونسل جھانگارا ۾ تيز برساتن پوڻ سبب جابلو نئيون وھي اچڻ جي نتيجي ۾ ڏلهھ ڊيم ٽٽڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا، جنھن ۾ ڳوٺ نواب خان رند، ڳوٺ انب خان رند، ڳوٺ قربان خان رند، پنھون خان، ڳوٺ حاجي ڇٽو، خاصخيلي ۽ ٻيا ڪيترا ئي ڳوٺ شامل آهن. جڏهن ته ھيٺانھين وارن علائقن ۽ گھرن اندر پاڻي داخل ٿيڻ ڪري ڳوٺاڻا پريشاني کي منھن ڏيڻ سان گڏ بي يارو مددگار بڻيل آهن. ان حوالي سان ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته جبلن کان ايندڙ نئين جي پاڻي سبب ڊيم تي دٻاءُ وڌي ويو هو، جنهن سبب ڊيم ٽٽي پيو ۽ پاڻي اسان جي گھرن ۾ ڪاھي پيو آهي، اطلاع باوجود انتظاميا مدد لا نه پهتي آهي، گهرن مان پنهنجون جانيون بچائي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون ۽ شهرن کان زميني رابطو به ڪٽجي ويو آهي، جڏهن ته پ پ ووٽ ڏيڻ باوجود سار نه لڌي آهي. هنن وڏي وزير ۽ ٻين اختيارين کان نوٽيس جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button