سنڌ

خانپور مهر ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ سپاهي تي تشدد جو ڪيس داخل،معطل

خانپور مهر ۾ 17 ڏينهن اڳ شاهي بازار ۾ هڪ ديوان ڇوڪري سان مبينا ڇيڙڇاڙ جي الزام ۾ نوجوان وجئه ڪمار کي گرفتار ڪري تشدد ڪرڻ خلاف درخواست تي گهوٽڪي جي عدالت ۾ شنوائي ٿي، جنهن ۾ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ ۽ رپورٽن کانپو عدالت وجئه ڪمار جي پٽيشن تي ايس ايڇ او خانپورمهر اربيلو سانگري ۽ ٻين خلاف تشدد جو ڪيس داخل ڪري ايف آءِ آر جي ڪاپي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هوڏانهن ڇيڙڇاڙ جا الزام لڳائيندڙ ڇوڪري جي درخواست تي عدالت حڪم ڏنو ته ڇوڪري جو بيان وٺي معاملي جو ڪيس وجئه ڪمار ميگهواڙ ۽ گنيش ڪمار خلاف داخل ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايس پي گهوٽڪي خانپورمهر ٿاڻي جي ايس ايڇ او اربيلو سانگري ۽ پوليس اهلڪار پنهل نوحاڻي کي معطل ڪري ڇڏيو. جنهن کانپو خانپورمهر ٿاڻي تي وجئهج ڪمار ميگهواڙ جي فرياد تي ايس ايڇ او اربيلو سانگري، پوليس اهلڪار پنهل نوحاڻي ۽ 4 ڄڻن بچا رام، امبريش ڪمار، موتي رام ۽ هريش ڪمار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ڇوڪري سان ڇيڙڇاڙ جو ڪيس سندس پي سنمک جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ تشدد جو شڪار ٿيل وجئه ڪمار ۽ سندس دوست گنيش ڪمار کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button