سنڌ

حڪومت جي ڪرپشن کان ڪو ادارو محفوظ ناھي:مرتضى جتوئي

نيشنل پيپلز پارٽي سربراھه جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضى خان جتوئي چيو آھي ته جن ماڻھن بلدياتي اليڪشن ۾ اسان جي ماڻھن سان بدمعاشيون ڪيون آھن، اسانجي سياست ھميشه شرافت واري رھي آھي. اھڙين ڳالھين جو اظھار ھن مورو ڀرسان ڳوٺ گھنور خان ۾ سيٺ نصراللہ عالماڻي جي چانھه پارٽي ۾ خطاب دوران ڪيو. ھن چيو ته موجودہ حڪومت جي ڪرپشن کان ڪوبه ادارو محفوظ ناھي. برسات کانپو شھرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آھن. غريب ماڻھو بي يارو مددگار بڻيل آھن. فلڊ سبب ڪچي ۾ رھندڙ ماڻھن کي محفوظ جاين تي رکڻ لا به ڪي جوڳا بندوبست ناھن ٿيل. اسان ڪنھن پارٽي ۾ شامل نه پيا ٿيون. اسان پنھنجي پارٽي کي فعال ڪري رھيا آھيون. سياسي ماڻھون آھيون. ھر سياستدانن سان ميل ملاقاتن جا سلسلا رھندا آھن. ھن وڌيڪ چيو تہ اسان پنھنجي اقتداري دور ۾ بنا رنگ نسل جي ھر علائقي ۾ ترقياتي ڪمن جا ڄار وڇايا پر ھاڻي ڪي به ڪم نظر نه پيا اچن. انشااللہ جلد اليڪشن ٿيندي، جنھن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button