پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي ۾ منير حيدر شاهه تي حملي خلاف ايس يو پي جو مارچ، ڌرڻو

ڪوٽڙي: سن روڊ تي مهينو اڳ زميني تڪرار تان سن روڊ تي ايس يو پي اڳواڻ سيد منير حيدر شاھه ۽ ٻين تي ٿيل حملي خلاف ايس يو پي ڪارڪنن ڪورٽ روڊ کان مارچ ڪري ايس ايس پي ڄامشورو آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو. جڏهن ته ڌرڻي واري هنڌ پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا مقرر ڪيا ويا ھئا. ان موقعي تي پارٽي اڳواڻن روشن ٻرڙو، امير علي ٿيٻو، دريا خان لغاري، منير حيدر شاھه ۽ ٻين جو چوڻ هو ته وڏي وزير جي پٺڀرائي سبب ڏوهارين کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي، ڪيس ۾ نامزد هجڻ باوجود ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن، پوليس ڏوهارين جي ونگارو بڻيل آهي. اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته 16 جولائي تي سيد منير حيدر شاهه ۽ سيد بدر زمان شاهه سن ۾ رستي تي مٽي لاهي رهيا هئا ته ڪجهه شرپسند هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، مهينو گذرڻ باوجود ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ حملو ڪندڙ جوابدارن کي اڃان تائين گرفتار نه پيو ڪري. هنن چيو ته ضلعي ۾ هن وقت پوليس ۾ سياسي مداخلت عروج تي آهي، حڪومتي ڌر کي خوش ڪرڻ لا پوليس وڏيرن جي ونگار وهندي غريبن لا ڌرتي تنگ ڪري ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button