اسلام آبادپاڪستان

شهزاد اڪبر سميت 10 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ ۽ 22 نالا ڪڍڻ جي منظوري

اسلام آباد :ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي 10 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وِجهڻ، 22 ماڻهن جا نالا لسٽ مان ڪڍڻ ۽ 3 ماڻهن کي هڪ ڀيرو اجازت (او ٽي پي) جي منظوري ڏني. ڪابينا تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ اڳوڻي صلاحڪار شهزاد اڪبر جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. گهرو وزارت جي ذريعن موجب بئريسٽر ضياءُ المصطفيٰ نسيم جو نالو به اي سي ايل ۾ وڌو ويو، شهزاد اڪبر ۽ ان تي هڪ پراپرٽي ٽائيڪون کي برطانيا مان ايندڙ رقم فراهم ڪرڻ جو الزام آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اي سي ايل ۾ گهڻي قدر نالا سيڪيورٽي ادارن جي سفارش تي وڌا ويا.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس جي شروعات تي وزيراعظم سمورن ڪابينا ميمبرن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم ۽ ميمبرن وفاقي وزير مرتضيٰ محمود، سيڪريٽري ڪيبينيٽ احمد نواز سکيرا، سيڪريٽري صنعت ۽ واپار چوڌري امداد الله بوسال کي سول ايوارڊ ملڻ تي مبارڪ ڏني. موسمياتي تبديليءَ واري وزارت طرفان ملڪ ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻُڌايو ويو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن جي حوالي سان گذريل 10 سالن کان معمولي تبديليءَ سان پهريان 8 سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ شامل رهيو آهي جيڪو ڳڻتيءَ جوڳو آهي. جڏهن ته گلوبل وارمنگ گيسن جي ماحول ۾ نيڪال ۾ اسان جو حصو دنيا جو صرف هڪ سيڪڙو آهي. موسمياتي تبديليون پاڪستان جي وسيلن کي بُريءَ طرح متاثر ڪري رهيون آهن ۽ آباديءَ ۾ مسلسل اضافو به هڪ وڏو سبب آهي. ان حوالي سان ٻُڌايو ويو ته موسيماتي تبديليءَ جي حوالي سان فوري طور تي ميٽي گيشن اينڊ اڊپٽيشن جي لائحه عمل تي عملدرآمد جي ضرورت آهي. تجويز پيش ڪئي وئي ته پاڪستان کي درپيش انهن مسئلن تي آگاهي، پاڪستان جي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچاءُ ۽ سي او پي-27 تحت کنيل قدمن تي تفصيلي ڊاڪيومينٽري ٺاهي عالمي فورمز تي پيش ڪئي ويندي. ڪابينا اتفاق ڪيو ته ٽي وي چينلز تي پبلڪ سروس ميسجنگ جي دورانيي کي انهن مسئلن جي تدارڪ جي حوالي سان اثرائتي طريقي سان ڪتب آڻڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ان کان سواءِ اسڪول ۽ ڪاليجز جي نصاب ۾ پڻ موسمياتي تبديليءَ جي تعليم کي شامل ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کان بچاءُ لاءِ ٺاهيل پاليسيون لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو. ڪابينا ۾ جنگي بنيادن تي رين هارويسٽنگ جي رٿابندي جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي. ان حوالي سان اسلام آباد ۾ ان منصوبي کي پائليٽ پراجيڪٽ طور جاري ڪرڻ جي تجويز به غور هيٺ آئي. ڪابينا گڏيل طور تي موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شري رحمان جي سربراهيءَ ۾ ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني، جنهن ۾ لاڳاپيل وزارتن جا وزير به شامل هوندا، جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچاءُ لاءِ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مُدي وارن منصوبن تي پنهنجون سفارشون پيش ڪندا. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته موسمياتي تبديلي، واٽر ۽ فوڊ سيڪيورٽي ٽئي هڪٻئي سان ڳنڍيل چئلينجز آهن ۽ اسان کي انهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي انهن اثرن کان بچائڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي مالي سال 23-2022ع لاءِ دِيت جي گهٽ ۾ گهٽ حد 30630 گرام چانديءَ جي برابر جنهن جي ماليت اٽڪل 43 لک رپيا وڌيڪ ٺهي ٿي، مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينه نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت طرفان 35 دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جي سمري کي گڏيل طور تي رد ڪري ڇڏيو ۽ـ اهي هدايتون جاري ڪيون ته دوائن جي قيمتن ۾ وفاقي ڪابينا جي منظوريءَ کان سواءِ ڪنهن به قسم جو اضافو نه ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا اي سي سي جي 11 آگسٽ 2022ع جي اجلاس ۾ 142 ملين ڊالر (ايوي ايشن) جي فنانسنگ جي سهولت لاءِ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي حق ۾ حڪومت پاڪستان جي گارنٽي جي جاري ڪرڻ جي فيصلي جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا سي سي ايل سي جي 15 آگسٽ 2022ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي به توثيق ڪئي، جن ۾ ڊفينس سيڪيورٽي فورس جي گورنمينٽ ميريڊ اڪاموڊيشن جي اٿارائيزيشن: آرمي ريگيوليشنز (رولز) 1998ع، راشنز اينڊ سپلائز (ريگيوليشنز) 2015ع جي قاعدي 11 جي انيڪس ون ۾ ترميم، نيشنل اسڪلز يونيورسٽي ايڪٽ 2018ع ۾ ترميم، 2015ع جي صدارتي آرڊر هڪ ۾ ترميم ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل اءِ سي ٽي اسلام آباد جي آفيس ۾ لا آفيسرز جي مقرري، پاڪستان وٽرنري ميڊيڪل ڪائونسل ايمپلائيز سروس ريگيوليشن 2022ع شامل آهن.
اي سي ايل منظوري

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button