اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پيٽرول مهانگو ڪرڻ جو فيصلو مناسب آهي،عوام اعتماد ڪري:مفتاح اسماعيل

اسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته حڪومت اڃا وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪندي، ان پويان آئون موجود آهيان. پيٽرول مهانگو ڪرڻ جو فيصلو مناسب آهي، عوام اسان تي اعتماد ڪري. هن چيو ته مون ائين نه چيو هو ته پيٽرول جا اگهه نه وڌندا پر چيو هو ته پيٽروليم شين تي ٽئڪس نه لڳائينداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن آءِ ايم سان معاهدو ڪري ٽوڙيو، گئس جو سرڪلر ڊيٽ 1400 ارب رُپين تائين پهچائي ڇڏيو. ايل اين جي لوڪل گئس جي اگهن تي وڪرو وئي وئي. ڊالر ڪنٽرول مان نڪري ويو هو، اسان ڊالر کي 239 رُپين تي ڪنٽرول ڪرڻ شروع ڪيو پر هاڻ ڊالر هيٺ اچي رهيو آهي. مون پهرين به چوندو رهيو آهيان ته درآمد گهٽ ٿيندي ته رُپيو مضبوط ٿيندو، اسان غيرضروري شين جي ڊرآمد تي پابندي لڳائي آهي. 10 سيڪڙو ايڪسپورٽ نه ڪرڻ وارن تي واڌو ٽئڪس لاڳو ڪنداسين، اسان وٽ هاڻ ڊالر جي آمد وڌيڪ ۽ وڃي گهٽ ٿو. مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام شروع ٿي چڪو آهي ۽ هلندڙ مهيني آءِ ايم ايف بورڊ سان ميٽنگ ٿيندي جنهن بعد اسان کي پئسا ملي ويندا. پيٽروليم شين جي اگهن بابت ناڻي وزير چيو ته پيٽرول جو معاملو آٽوميٽڪ آهي، حڪومت اوگرا فارمولي تحت پيٽروليم شين جا اگهه وڌائيندي آهي. اسان نه ٽئڪس وڌايو نه گهٽايو آهي، اسان پيٽروليم شين جي سمري وزيراعظم ڏانهن اُماڻي هئي جيڪا هن منظور ڪري ورتي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن پهرين ڊالر 235 رُپين تي وڃي پهتو هو ان باوجود اسان پيٽرول ٽي رُپيا سستو ڪيو ته ڪنهن پڇاڻو نه ڪيو، هاڻ ايندڙ هدف مهانگائي گهٽائڻ آهي جنهن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل هيٺ آڻڻ هدف آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي هر فيصلي جو پابند آهيان ۽ ذميواري سان بيٺل آهيان. هاڻ اسان پاڪستان کي سريلنڪا سان نٿا ڀيٽي سگهون، مستقبل ۾ پڻ ڏکيا فيصلا ڪندا رهنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button