اسلام آبادپاڪستان

پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي اپيل تي شنوائي لاءِ لارجر بئنچ قائم

اسلام آباد: پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي اپيل تي شنوائي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ جوڙي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ جوڙي وئي آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس بابر ستار به لارجر بينچ جو حصو هوندا. لارجر بينچ پي ٽي آءِ پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جي فيصلي خلاف اپيلن تي شنوائي ڪندي. ياد رهي ته اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي پابندي پيل فنڊنگ جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي شنوائي ڪئي ۽ معاملو لارجر بينچ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جسٽس عامر فاروق چيو ته هن درخواست تي شنوائي لاءِ لارجر بينچ جوڙي ڇڏيون ٿا، لارجر بينچ ڪيس جي ٻئين ڏينهن شنوائي ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button