اسلام آبادپاڪستان

پرڏيهي عورتن کي هراسان ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ آزادي ڏهاڙي تي پرڏيهي عورتن کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي عورتن کي هراسان ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي عورتن کي شڪر پڙيان مونومنٽ تي هراسان ڪيو ويو. اسلام آباد پوليس واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، ترجمان موجب سي آءِ اي پوليس کي واقعي جون وڊيوز فراهم ڪيون ويون آهن ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. ترجمان چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن پرڏيهي عورتن کي هراسان ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تي واهپيدار به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button