پاڪستان

هيليڪاپٽر حادثو، سوشل ميڊيا مهم ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتارين جو فيصلو

راولپنڊي: لسٻيلا هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جوانن خلاف سوشل ميڊيا مهم جي سمورن ڪردارن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب جاچ ادارن طرفان سوشل ميڊيا مهم جي ڪردارن خلاف جاچ جاري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهيدن خلاف سوشل ميڊيا مهم ۾ شامل سمورن ڪردارن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب شهيدن خلاف ڪِريل مهم هلائڻ وارن کان پڇاڳاڇا جي نتيجي ۾ سندن سرپرستن کي پڻ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. جاچ ذريعن موجب شهيدن خلاف سوشل ميڊيا مهم ۾ ڪجهه ڀارتي اڪائونٽس پڻ استعمال ڪيا ويا. ذريعن ٻڌايو ته سياسي پارٽي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن طرفان پاڪ فوج خلاف مهم هلائي وئي ۽ پاڪ فوج خلاف شروع ڪيل مهم ۾ ڀارتي سوشل ميڊيا اڪائونٽس به وڌي چڙهي حصو ورتو. تحقيقاتي ذريعن جو چوڻ آهي ته مهم شروع ٿيڻ کانپوءِ ڀارتي سوشل ميڊيا اڪائونٽس به ان مهم ۾ شامل ٿي ويا ۽ هن مهل تائين جي جاچ مطابق 17 ڀارتي اڪائونٽس ان سوشل ميڊيا مهم ۾ حصو ورتو، ڀارتي سوشل ميڊيا اڪائونٽس پاڪ فوج خلاف مهم ۾ ڀرپور حصو ورتو. تحقيقاتي ذريعن مطابق مهم ۾ شامل سياسي پارٽي جي ڪارڪنن جا وڊيو بيان پهريان ئي منظر عام تي اچي چڪا آهن، مهم جي پويان لڪيل ٻين ڪردارن ۽ سندس هينڊلرز تائين به پهچيو پيو وڃي ۽ ڏٺو پيو وڃي ته ڀارتي اڪائونٽس جي نالي تي ڪجهه اڪائونٽس پاڪستان مان ته نه هلي رهيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button