پاڪستان

بهاولپور ويجهو ڪوچ ۽ ٽينڪر ۾ ٽڪر، 20 مسافر سڙي فوت

بھاولپور: بهاولپور ڀرسان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ کي ٽينڪر سان ٽڪر بعد باهه وڪوڙي وئي، عورتن ۽ ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. لاهور کان ڪراچي ويندڙ بدنصيب ڪوچ سان موٽر وي ايم 5 تي حادثو پيش آيو، موٽروي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽڪر سبب مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽئنڪر کي باهه وڪوڙي وئي. سڙي ويل بس مان مسافرن جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا، سڙي زخمي ٿيل 6 مسافرن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر بيان ۾ بس حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏکارو آهيان، منهنجو دعائون ڏکايل خاندان سان آهن، هن ڏکوئيندڙ گهڙي ۾ مرحومن جي پوئنرن سان گڏ آهيون، دعا آهي تي الله سائين کين جنت الفردوس ۾ جڳهه ۽ پونيئرن کي صبر عطا فرمائي. هوڏانهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ملتان ۾ جلال پور انٽر چئينج ويجهو پيش آيل حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان همدردي ۽ زخمين لاءِ صحتيابي جي دعا گهري آهي. انکانسواءِ پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان حادثي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سليپر بس گذريل رات 9 وڳي لاهور کان ڪراچي رواني ٿي هئي، حادثي سبب موٽر وي ايم فائيوَ 5 ڪلاڪن تائين بند رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button