سنڌ

ڏوڪري ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ گندگي خلاف احتجاج

ڏوڪري مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ گندگي سبب بيماريون پکڙجڻ لڳيون. شهر جي قريشي پاڙي، خاصخيلي پاڙي، عباسي پاڙي، جوڻيجا پاڙي، مين پرائمري گرلس اسڪول پاڙي، ڀان پاڙي، گلشن مدينه ڪالوني، بينظير ڪالوني ۾ پاڻي بيهڻ سبب ڊرينيج سسٽم بلاڪ ٿيڻ ڪري نالا اٿلڻ سبب گهٽين، روڊن رستن، گهرن ۽ دڪانن آڏو گندو پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري دڪاندارن جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي. گندگي سبب شهري توڙي معصوم ٻار ڊائرا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ شهرين ڪامران جوڻيجو، اسد موريو، هالار سومرو، ڪاشف خاصخيلي، وڏيرو سومرو ۽ ٻين ٽائون ڪاميٽي انتظاميا خلاف پريس ڪلب آڏو سخت احتجاجي مظاهرو ڪري برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button