سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي رسول آباد پاڙي جي رهواسي نوجوان بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نوجوان منور چانڊيو دانهيندي چيو ته اسٽيٽ ايجنسي جو ڪاروبار ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهيان. هن الزام لڳايو ته علائقي جي بااثر محمد نواز مگسي ۽ سندس پٽن گل نواز ۽ قاصر مگسي جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، جن سال 2018ع دوران منهنجي سئوٽن جي آڙ ۾ مون مٿان سول لائين ٿاڻي تي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي. هن چيو ته بااثر محمد نواز مگسي جا پٽ گل نواز ۽ قاصر مگسي شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي گارگند ڪري اڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهندا آهن، جن مان جان جو خطرو آهي. ايس ايس پي آفيس ۾ ڄاڻايل بااثرن خلاف لکت ۾ شڪايت ڏني پر تنهن باوجود سندن خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button