پاڪستانسنڌ

صالح پٽ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو قتل

صالح پٽ: صالح پٽ ويجهو ڳوٺ وينجهڪو ۾ پلاٽ جي مالڪي تان هٿياربندن گوليون هڻي غلام قاسم مهر کي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو. ان سلسلي ۾ مقتول جي وارثن ٻڌايو ته 6 کان 7 جوابدارن گهر ۾ گهڙي 45 ورهين جي غلام قاسم مهر کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. ٻي پاسي پوليس جو چوڻ آھي تھ ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان واقعو پيش آيو آهي، قتل بابت جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button