اسلام آبادپاڪستان

فوج خلاف مهم تحريڪ انصاف ۽ ڀارت جو گڏيل پروجيڪٽ هو:خواجا آصف

اسلام آباد : بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري کي سياسي موضوع نه بڻايو وڃي، خاطري ڪرايان ٿو ته آرمي چيف جي مقرري بابت هن وقت ڪو به پروسس نه پيو ٿئي. فوج خلاف مهم پي ٽي آ ۽ ڀارت جو گڏيل پروجيڪٽ هو. ادارن خلاف جهڙي قسم جي ڪِريل مهم هلائي وئي، ڪو به محب وطن پاڪستاني نه برداشت ڪري سگهي ٿو نه سوچي سگهي ٿو. پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا واريئرز سان 18 ڀارتي اڪائونٽ پڻ مهم ۾ شامل ٿيا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته لسٻيلا هيلي ڪاپٽر حادثو افسوس جوڳو هو، حادثي تي پوري قوم کي ڏک ۽ افسوس ٿيو. هن چيو ته سموري ڊيٽا تصديق ٿيل آهي، سڀ ادارا متحرڪ آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ انڪشاف سامهون ايندا. عمران خان شهباز گِل جي بيان تي 6 ڏينهن تائين ناهي ڳالهايو. پي ٽي آءِ قيادت بيانن جي حوالي سان مسلسل حدون اورانگهي رهي آهي. سڄي قوم شهيدن جي پوئينرن اڳيان شرمسار آهي، پنهنجو اقتدار کسجڻ جي ڏُک ۾ هي ايڏو پري وڃي رهيا آهن. بچاءُ واري وزير چيو ته قانون حرڪت ۾ اچي چڪو آهي، 18 ڀارتي اڪائونٽس آهن، جيڪو مخالفن ڪيو اهو سڄو ڪوڙ تي ٻڌل هو. اسان جي حڪومت پلاند وٺڻ تي يقين نٿي رکي، سندن پنهنجي وزير بيان ڏنو ته ڪنهن کيس ناهي ماريو. فارين فنڊنگ جي فائنڊگز جو احتساب قانون پٽاندڙ ڪيو ويندو، جيڪو اسان سان ٿيو اهو هڪ الڳ داستان آهي. خواجا آصف چيو ته آرمي چيف جي مقرري کي سياسي موضوع نه بڻايو وڃي، خاطري ڪرايان ٿو ته آرمي چيف جي مقرري بابت هن وقت ڪو به پروسس نه پيو ٿئي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ شوڪت خانم جي نالي تي فنڊز گڏ ڪيا، عمران خان خيرات جا پئسا سياست لاءِ استعمال ڪيا، تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تان ڌيان هٽائڻ گهري ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button