سنڌ

استادن جا مطالبا منظور ٿي ويا،هاڻ پڙهائي تي ڌيان ڏين:سردار شاهه

سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن ۽ استادن جي بهتر ڊيٽا گڏ ڪرڻ، اسڪول جي پروفائيلنگ ۽ مڪمل پلاننگ لاءِ هڪ جديد سسٽم “سنڌ ايجوڪيشن مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم (سيمس) جو باضابطا طور تي آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان افتتاحي تقريب ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ٿي، جنهن ۾ تعليم ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه، يونيسيف جي ايجوڪيشن مئنيجر وينيسا لي، ريفارم سپورٽ يونٽ (RSU) جي چيف پروگرام مئنيجر جنيد سمون ۽ لاڳاپيل کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تعليم ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته اڄ منهنجو هڪ خواب پورو ٿيو آهي جيڪو سرڪاري اسڪولن جي ڊيٽا کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ هو ۽ هاڻي اسان هڪ ڪلڪ تي سموري گهربل ڊيٽا گهربل فارم ۾ حاصل ڪري سگهون ٿا. ان سان حڪومتي سطح تي فيصلا ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. هن معلوماتي سسٽم ذريعي، اسڪولن، شاگردن ۽ استادن جي انگن اکرن سان گڏ سڀني اسڪولن جي پروفائلنگ کي آساني سان مانيٽر ڪري سگهجي ٿو. ان ذريعي اسڪول جي عمارتن، اتي موجود سمورين سهولتن ۽ بجيٽ خرچن جو تفصيل به حقيقي وقت ۾ معلوم ڪري سگهجي ٿو. سيد سردار علي شاهه چيو ته اهو ڪريڊٽ سنڌ حڪومت کي وڃي ٿو ته اسان هن نظام تائين عوام کي رسائي ڏينداسين ته جيئن اسان جي ڏنل انگن اکرن جي ڪراس ويريفڪيشن ٿي سگهي. هن نظام تائين عوام جي پهچ ان نظام جي اثرائتي ۽ حقيقي هئڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، جيستائين سماج پنهنجن پنهنجن اسڪول کي اون نه ڪندو، تيستائين سڌارو نه ايندو. ان سسٽم ۾ عوام نه رڳو ڊيٽا ڏسي سگهندو پر اتي پنهنجي راءِ جو اظهار به ڪري سگهندو، جنهن ذريعي ڊيٽا جي تصديق ڪئي ويندي. هن چيو ته اڄ شروعاتي ايپليڪيشن جو افتتاح آهي، جنهن ذريعي کاتي جا آفيسر ڊيٽا داخل ڪندا، جيئن ئي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو عمل مڪمل ٿيندو ته ان سسٽم کي ويب سائيٽ تي اوپن رکيو ويندو. ان بعد ميڊيا سان ڳالھه ٻولھه ڪندي تعليم واري وزير سردار علي شاهه تعليم کاتي جي ڊي اي اوز سميت وچولي انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ضلعي ۽ تعلقي سطح تي آفيسر اسڪولن جو دورو نٿا ڪن، وڏي انگ ۾ سرڪاري ملازمن جو اسٽاف هجڻ باوجود ڊي اي اوز پنهنجي علائقي جي اسڪولن مان برسات جو پاڻي هن وقت تائين نه ڪڍرائي سگهيا آهن. ڪيتريون ئي شڪايتون مليون آهن ته ڊي اي اوز پنهنجي مرضي مطابق نون استادن جون پوسٽنگز ڪري رهيا آهن. اهڙن آفيسرن کي ڪارڪردگي ۽ نظم و ضبط جي ضابطن تحت نوڪرين تان برطرف ڪيو ويندو. استادن جي پرفارمنس ۽ پروموشن جو دارومدار هاڻي شاگردن جي ڪارڪردگي تي هوندو، هاڻي جيڪو استاد پرفارم نه ڪري سگهندو، ان کي برطرف ڪيو ويندو. استاد تنظيمن جا سمورا جائز مطالبا مڃيا ويا آهن، هاڻي انهن کي منهنجو هڪ مطالبو پورو ڪرڻو پوندو ته هو ٻارن کي تعليم ڏين. ٻارڙن لاءِ فرنيچر خريد ڪرڻ کي ڊيسينٽلائيزڊ ڪيو ويو، پر ڊي اي اوز ۽ ڊائريڪٽرن جي حالت اها آهي ته اهي فرنيچر فنڊ جاري ٿيڻ باوجود فرنيچر خريد ڪرڻ ۾ سستي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. هاڻي مان ذاتي طور تي فيلڊ ۾ اسڪولن جو دورو ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button