اسلام آبادپاڪستان

سينيٽ ۾ تيل مهانگو ڪرڻ تي وڏو گوڙ،شهبازگل جي گرفتاري تي به هنگامو

اسلام آباد: سينيٽ ۾ اپوزيشن پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل تي مبينا تشدد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف فوج سان گڏ بيٺي آهي، غداري جا سرٽيفڪيٽ نه ورهايو. تيل اسمن جون قيمتون واپس ورتيون وڃن. هن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي. جڏهن ته قانون واري وفاقي وزير ۽ قائد ايوان اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اسان ملڪ کي ڊيفالٽ مان ڪڍي ورتو آهي. ملڪي حالتن جي اصل ذميدوار تحريڪ انصاف آهي. ڊالر جي لاٿ جا اثر سامهون آڻينداسين، اسان ڊليور ڪرڻ تي يقين رکون ٿا ۽ عوام کان ڪجهه نه لڪائينداسين. جمعي تي سينيٽ اجلاس دوران ڳالهائيندي وسيم شهزاد چيو ته شهباز گل تي تشدد بند ڪيو وڃي. اوهان چاهيو ٿا ته اليڪشن ڪميشن اوهان جو هٿيار بڻجي اوهان فوج ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ فرق پيدا ڪرڻ چاهيو ٿا. تحريڪ انصاف فوج سان گڏ بيٺي آهي غداري جا سرٽيفڪيٽ نه ورهايو. هن چيو ته عوام تي رات جي اونداهي ۾ پيٽرول بم ڪيرايا وڃن ٿا، هي حڪومت فاشسٽ آهي. شهباز گل سان جيڪو ورتاءُ ٿي رهيو آهي، سڀني جي سامهون آهي. شبلي فراز چيو ته انوشا رحمان پيڪا ايڪٽ بابت بل پيش ڪيو هو، ان بابت رپورٽ پيش نه ڪئي وئي، 4 سال ٿي ويا. سينيٽ چيئرمين پاران پيڪا لاز جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ سينيٽر بهره مند تنگي چيو ته عمران خان ڪي پي ۾ڪرپشن ڪئي آهي، ان بابت التوا واري رٿ آڻڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ تي حڪومت کي درخواست ڪيان ٿو ته عوام تي بار نه وجهي. سينيٽر محسن عزيز چيو ته آزادي جي موقعي تي اوهان جو مذهب ڊانس جي اجازت ڏيندو هوندو اسان جو نه. سينيٽر فيصل جاويد خان چيو ته تيل شين جون قيمتون واپس ورتيون وڃن قيمتن ۾ واڌ رات 12 وڳي کان واپس ٿيڻ گهرجي. اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان ملڪ کي ڊيفالٽ مان ڪڍي ورتو آهي، اڄ هي چون ٿا ته ملڪي حالتن جي اصل ذميوار ان جي حڪومت آهي. هن چيو ته عمران خان جڏهن آئي ايم ايف سان معاهدو ڪيو، ان معاهدي جي ذميواري پاڪستان جي آهي. هن اوگرا کي خودمختيار ڪرڻ لاءِ رات جي اونداهي ۾ بل آندو. هي ئي ايوان هو اسان گهڻو گوڙ ڪيو پر هي بل منظور ڪيو ويو. هن چيو ته ادارن کي خودمختيار ڪرڻ جو بل گذريل حڪومت ئي پاس ڪيو هو، هڪ ٻيو بل آندو ويو جنهن تحت ڊالر جي قيمت ڪنٽرول ۾ نه اچي رهي هئي. هن چيو ته اهو اسٽيٽ بئنڪ جو بل هو ان ۾ جيڪي ترميمون آنديون ويون ۽ فوري پاس ڪرايو ويو، هي ان جا پنهنجا اعمال هئا هي وساري ڇڏين ٿا. هن چيو ته حڪومت پاران اعلان ڪري رهيو آهيان ته ڊالر جي لاٿ جا اثر سامهون آڻينداسين. سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته ٻوڏ سان تباهيون ٿيون، بلوچستان ۾ وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. امدادي ڪارروائين ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. امداد ضرورتمندن تائين پهچائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button