اسلام آبادپاڪستان

اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران گهرائڻ باوجود عمران ۽ شيخ رشيد پيش نه ٿيا

اسلام آباد:اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻو گهرو وزير شيخ رشيد قومي اسيمبلي جي استحقاق ۽ قاعدن ۽ ضابطن بابت قائما ڪميٽي ۾ پيش نه ٿيا. اجلاس قاسم نون جي صدارت ۾ ٿيو، ٻنهي اڳواڻن کي پارليامينٽ لاجز حملي ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو هو. اجلاس دوران ڪميٽي ڊپٽي سيڪريٽري قومي هيلٿ سروسز کي ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڊپٽي سيڪريٽري کي ڪميٽي مان ڪڍي ڇڏيو. قاسم نون چيو ته ايڊيشنل سيڪريٽري يا صحت واري سيڪريٽري کي گهرايو جيڪو آفيسر نٿو اچي، ان جا گرفتاري وارنٽ ڪڍنداسين. اجلاس دوران رميش لعل چيو ته سرڪاري آفيسر عوامي نمائندن جي فون نٿا ٻڌن، اسان کي اهميت نٿا ڏين. اجلاس ۾ گهرايل سرڪاري آفيسرن پاران شرڪت نه ڪرڻ تي ڪميٽي ڪاوڙجي پئي. سمورن لاڳاپيل آفيسرن جا گرفتاري وارنٽ ڪڍڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. رميش لعل چيو ته ايس پي بورڊ آف روينيو سنڌ ۽ بيا آفيسر اسان کي عزت نٿا ڏين. آئي جي اسلام آباد ۽ ٻين عملدارن جي غير موجودگي تي قائمه ڪميٽي جي چيئرمين ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ڊي آئي جي آپريشنز اسلام آباد پوليس جي موجودگي تي چيئرمين قائمه ڪميٽي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. قاسم نون چيو ته آئي جي اوهان کي اماڻي ڇڏيو اوهان ڇو آيا آهيو. چيئرمين قائما ڪميٽي استحقاق اڳوني آئي جي احسن يونس ۽ ڊي آئي جي آپريشن اويس ٽمڻ، ايس ايس پي فيصل مختار کي طلبي جو نوٽيس ڪري ڇڏيو. ان وقت جو ايس پي سٽي، ايس پي صدر، ڊي ايس پي، ايس ايس پي ٿاڻو سيڪريٽريٽ به طلب ڪري ورتو. موجوده آئي جي ۽ ڊي آئي جي اسلام آباد پوليس کي به ايندڙ اجلاس ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو. قاسم نون چيو ته هڪ اڳوڻي وزيراعظم کي گهرايو ويو ۽ پوليس جو هي رويو آهي؟ ان وقت جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي چوڻ تي پارليامينٽ لاجز تي چڙهائي ڪئي. ڊي آئي جي آپريشنز اسلام آباد چيو ته مان پنهنجي اداري جو نمائندو بڻجي هتي آيو آهيان، منهنجو اطلاع آهي ته شڪايت ڪندڙ ۽ پوليس وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي. قاسم نون چيو ته ٺاهه ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪوئي قانون جو غلط استعمال ڪري ۽ ٺاهه ڪري وٺي ته ڇا معاف ڪري ڇڏيون. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ عهديدار نه اچن ته هن معاملي کي ڪيئن آخري انجام تائين پهچائينداسين. چيئرمين قائمه ڪميٽي معاملي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button