پاڪستانسنڌ

جهول ۾ شنوائي تان واپس ويندڙ پيرسن گوليون هڻي قتل

جهول: سانگهڙ ڪورٽ مان شنوائي ڏئي وين ۾ رڪن ٻرڙا ويندڙ پيرسن کي جھول جي مين اسٽاپ وٽ 2 نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربند قتل ڪري فرار ٿي ويا. رپورٽ موجب رڪن ٻرڙا واسي پيرسن 70 ورھين جو داد محمد رند ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سانگھڙ جي عدالت ۾ شنوائي تان شھدادپور وين ۾ سوار ٿي گھر وڃي رهيو هو ته جھول شھر جي وچ اسٽاپ تي موٽرسائيڪل سوار ٻن جوابدارن کيس گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، پيرسن کي فورن سانگهڙ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڏنو. شھرين ٻڌايو ته سانگھڙ مان قتل ڪيس جي شنوائي تان پيرسن داد محمد پنهنجي هڪ دوست سان گڏ واپس وڃي رهيو هو ته مين بس اسٽاپ جھول وٽ مسافر لاھڻ ۽ سوار ڪرڻ لا وين بيٺي ۽ پيرسن ڇت تي ويٺل هو، جنهن دوران اڳ ۾ تاڙ ۾ بيٺل هٿياربند پيرسن کي ڇت تان هيٺ ڌڪو ڏئي پسٽل جون گوليون هڻي فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي پيرسن کي موبائيل ۾ وجھي سول اسپتال سانگھڙ پھچايو. هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد لاش وارث کڻائي ويا. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر موجب مقتول کي پسٽل جون 2 گوليون سيني ۾ لڳل آھن. ياد رهي ته مارجي ويل پيرسن رند داد محمد جو نياڻو البيلو جکراڻي سندس ئي گھر رڪن ٻرڙا ۾ 3 مھينا اڳ مارجي ويو ھو، مقتول جو قتل ڪيس نامعلوم جوابدارن مٿان سنجھورو ٿاڻي تي داخل ٿيل ھو، مقتول البيلو جکراڻي جي وارثن قتل جو الزام مقتول جي سھري داد محمد ۽ سندس ڌي تي ھنيو، پوليس پيرسن داد محمد رند ۽ مقتول جي زال کي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو هو، مقتول پيرسن داد محمد رند ضمانت تي آزاد ٿي 15 ڏينھن اڳ سنجھورو پريس ڪلب ۾ پوليس خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو هو ته پوليس ناٺي جي قتل ۾ ملوث اصل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران رشوت نه ڏيڻ تي مون کي گرفتار ڪري جيل موڪليو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button