پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي شهر ۾ هر علائقي ۽ گهٽي ۾ برساتي پاڻي بيٺل

ڊگھڙي: ڊگهڙي شهر ۽ آسپاس جي سوين ڳوٺن ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاري تيز برساتن جي وسڪاري وڏي تباهي مچائي ڇڏي. شھر جا مک روڊ رستا، بازارون ۽ رهائشي علائقن سان گڏ ٽائون ڪميٽي ۽ نادرا آفيس، ٽي ايم اي آفيس، عدالتن، ٽيليفون ايڪسچينج روڊ، ڪوٽ غلام محمد روڊ، ريلوي لائصن، تعلقي اسپتال روڊ ۽ ٻين رستن تي پاڻي بيهجي ويو آهي، ڪيترن ئي گهرن ۾ پڻ پاڻي ڪاهي پيو آهي. ايس ڊي او واپڊا آفيس جي اسٽور روم جي ڇت ڪري پئي، شهر جي آسپاس کان گذرندڙ ايل بي او ڊي نالن ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين پھچي وئي آهي ۽ گهارا پوڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. هزارين ايڪڙن تي بيٺل مرچ ۽ ڪپهھ جو فصل، بصر ۽ ٽماٽي جو پوکيل ٻيجو برسات جي پاڻي ۾ لڙھي ويو آهي، پورهيتن جا ڪچا ۽ ڪکاوان گهر برسات سبب سخت متاثر ٿيا آهن، جنهن ڪري ماڻھو پنهنجون جانيون بچائڻ لا لڏپلاڻ ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button