پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ضلعي جون سموريون آفيسون پاڻي ۾ ٻڏل

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ زوردار برسات جاري رهڻ سبب روڊ رستن تي پاڻي بيهي ويو، سول اسپتال عمرڪوٽ سميت اهم سرڪاري آفيسون پاڻي هيٺ اچي ويون. ڇور، ڍورونارو، صوفي فقير، ڏگوفارم، چيل بند، راجا رستي، غلام نبي شاهه ۽ ٻين علائقن ۾ تيز برسات وسڻ جو سلسلو جاري رهڻ سبب ماڻهن ۾ خوف ڇانئجي ويو. برسات شروع ٿيندي ئي بجلي گم ٿي وئي، تيز هوائن ۽ برساتن سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button