اسلام آبادپاڪستان

بلوچستان ۾ 605 ۽ سنڌ ۾ 525 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون:شيري رحمان

اسلام آباد :ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته گلوبل وارمنگ هڪ حقيقت آهي جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. گليشئر ڳرڻ جي ڪري ٻوڏ جا خطرا وڌي ويا آهن، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن ۾ پهرين قطار ۾ آهي. هلندڙ سال بلوچستان ۾ معمول کان 605 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 525 سيڪڙو کان وڌيڪ مينهن وٺو آهي. اسان کي موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت ماڻهن کي باخبر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اربع تي هتي بزنس سمٽ 2022 ۾ خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي سان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ ليکيو وڃي ٿو. ماحولياتي گدلاڻ ۽ موسمياتي تبديلي تيزي سان ظاهر ٿي رهي آهي. ماحولياتي تبديلي سان اسان جي ملڪ تي وڏا اثر پئجي رهيا آهن. شيري رحمان چيو ته اسان غيرمعمولي گرمي پد ۽ برساتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هلندڙ سال بلوچستان ۾ 605 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 525 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جا گليشيئر ڳري رهيا آهن، ماحولياتي تبديلي اسان جي 9 ڏهائي هڪ سيڪڙو جي ڊي پي تي اثرانداز ٿئي ٿي. هن چيو ته نوابشاهه، جيڪب آباد ۽ تربت مسلسل ٽن سالن کان دنيا جا سڀ کان گرم شهر رهيا آهن. انهن شهرن جو گرمي پد 50 ڊگري کان وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو. جيڪو رهائش جوڳو نه آهي. وفاقي وزير چيو ته ماحولياتي تبديلي اسان لاءِ سنگين وجودي بحران آهي. پاڪستان پنهنجو ڌيان ڪاربان جي خارج ٿيڻ کي گهٽائڻ تي ڏنو آهي. اسان ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان پنهنجين ترجيحن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته صنعتي ڪمپنين کي ماحول دوست حدف بنائڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button