پاڪستانسنڌ

ٿر ڪوئلي مان يوريا فرٽيلائزر ۽ پيٽروليم پراڊڪٽس ٺاهڻ تي غور

ڪراچي:سنڌ جي توانائي وارو وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ملڪي ناڻي جي بچت لاءِ ٿر جي ڪوئلي جو بهترين استعمال چاهي ٿي. اها ڳالهه هن ڪالهه فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني جي وفد سان توانائي کاتي جي آفيس ۾ ملاقات دوران چئي. اجلاس ۾ فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر سرفراز احمد رحمٰن ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته توانائي واري سيڪريٽري سنڌ ابوبڪر مدني ۽ ڊائريڪٽر جنرل ٿرڪول انرجي بورڊ خادم حسين چنا پڻ اجلاس ۾ موجود هئا. ان موقعي تي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ کي بريفنگ ڏيندي فوجي فرٽيلائزر جي وفد کي ٻڌايو ته ٿر جي ڪوئلي مان يوريا فرٽيلائزر، پيٽروليم پراڊڪٽس، سنتهيٽڪ (Synthetic) نيچرل گيس، ميٿانول اولي فنز (Methanol Olefins) ۽ ٻيا فرٽيلائيزر ٺاهي سگهجن ٿا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت ڪوئلي کي تيل جي طور تي استعمال ڪرڻ وارو دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ چين آهي، جيڪو لڳ ڀڳ 4300 ملين ٽن ساليانو (MTPY) ڪوئلي کي تيل طور استعمال ڪندو آهي. جڏهن ته انڊيا تقريبن 966 ملين ٽن ساليانو (MTPY) ڪوئلي کي تيل جي طور استعمال سان گڏ دنيا جو ٻيو وڌو ملڪ آهي. توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو ته ٿر جو ڪوئلو پاڪستان جي معيشت کي بحالي ۽ ملڪ ۾ صنعتي واپاري ۽ معاشي سرگرمين لاءِ گيم چينجز جي حيثيت رکندو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿر جي ڪوئلي کي گيس، مائع ۽ ٻين حالتن ۾ مٽائڻ لاءِ پاليسي هن سال ڊسمبر تائين پيش ڪري ڇڏيندي. توانائي واري وزير چيو ته ٿر جي ڪوئلي کي توانائي جي عظيم وسيلي طور تي استعمال جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواب کي ان جي پارٽي جي حڪومت تعبير ڏئي ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي جي قيادت چاهي ٿي ته ٿر جي ڪوئلي کي قومي ترقي جو عظيم وسيلو بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button