اسلام آبادپاڪستان

نيوٽرلز کي چوان ٿو اڃا به وقت آهي پاليسي تي نظرثاني ڪن:عمران خان

اسلام آباد:تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نيوٽرلز کي چوان ٿو اڃا به وقت آهي پاليسي تي نظرثاني ڪن. هميشه سمجهندو هئس ته اسٽيبليشمينٽ کي ملڪ جي وڌيڪ ڳڻتي هوندي، اسٽيبليشمينٽ کان پڇان ٿو ته توهان ڪيئن انهن کي ملڪ تي مڙهي ڇڏيو. مان سوچيندو رهيو ته اسٽيبلشمينٽ کي ملڪ جي وڌيڪ ڳڻتي هوندي، جيڪڏهن نيب هٿ ۾ هجي ها ته 15 کان 20 ماڻهن کان اربين رپيا ڪڍي ڇڏين ها. ڪالهه اظهار جي آزادي بابت سيمينار ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ڪيئي ڀيرا اسٽيبليشمينٽ پاڻ مون کي انهن جي چوري بابت ٻڌايو. هن چيو ته سمجهندو هئس ته اسٽيبليشمينٽ ائين ٿيڻ نه ڏيندي، 96 ۾ آصف علي زرداري ۽ نواز شريف ڏيڍ ملين ڊالر ملڪ کان ٻاهر موڪليا. هن چيو ته ڪير چوندو ته سندس حڪومت سٺي هئي ڪير چوندو، شهباز شريف بهري آهي ڪير چوندو نواز شريف سهي هو. سڀني جي مختلف راءِ آهي سڀني راءِ ڏيڻ جو حق حاصل آهي پر اها حقيقت آهي ته آصف علي زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي ڪرپشن جا ڪيسز ٺاهيا. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اظهار جي آزادي جو مطلب اهو ناهي ته ڪنهن جو پٽڪو ڌوڙ ڪيو وڃي. جڏهن آزادي جي ڳالهه ايندي آهي ته ذميواري به لاڳو ٿيندي آهي. هن چيو ته پرويز مشرف جي سپورٽ انڪري ڪئي ته هو ڪرپشن ختم ڪرڻ آيو هو، مان آمريڪا مخالف ناهيان، مون کي ماڻهن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي. عمران چيو ته اسٽيبلشمينٽ سڀ کان وڌيڪ سگهاري آهي، ۽ پاور سان گڏ ذميواري ايندي آهي. توهان پاڻ کي جيترو به نيوٽرل چئو، تاريخ ۾ ماڻهو توهان تي الزام لڳائيندا. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سوشل ميڊيا واهپيدارن کي کنڀيو ويندو آهي ۽ مٿن دٻاءُ وڌو ويندو آهي. هن عمران خان کي چوڻ تي ٽوئيٽ ڪئي، جيڪو فوج خلاف ٽوئيٽ ڪري ٿو کنڀيو وڃي ٿو، چورن کي قبول ڪرائڻ لاءِ ماڻهن کي ڊيڄاريو وڃي ٿو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شهباز گِل هڪ جملو چئي ويٺو جيڪو کيس نه چوڻ گهرجي ها پر اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته مريم نواز، اياز صادق، فضل الرحمان فوج خلاف اهڙيون ڳالهيون ڪري ويا سندن خلاف ڪجهه نه ٿيو. هن اسٽيبلشمينٽ کي مخاطب ڪندي چيو ته اڃا به وقت آهي پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪيو، بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪرڻ مناسب ناهي هوندو. هي ملڪ ٻاويهه ڪروڙ عوام تي ٻڌل آهي، جيڪڏهن هن دفعي صحيح فيصلا نه ٿيا ته ڪيئي سنگين مسئلا پيدا ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button