اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو ۽ ڊجيٽل ڪارپوريشن جي سيڪريٽري وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ ڊجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح الحيا جي وچ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي رابطو ٿيو. پاڪستان سميت سمورن ميمبر ملڪن ۾ ڊجيٽل اڪانومي ۾ جامع ترقي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليحيا قيام پاڪستان جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀتو زرداري کي مبارڪ ڏني. سيڪريٽري جنرل، ڊي سي او چيو ته سفارتي ميدان ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان، ڊجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جو باني ميمبر طور پنهنجو ذميواراڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڊجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن پاڪستان ۾ نوجوانن لاءِ ڊجيٽل تعليم جي شعبي ۾ مدد ڪري. هن چيو ته پاڪستان تبديل ٿيندڙ دنيا سان وک وک سان ملائي هلڻ لاءِ تيار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button