اسلام آبادپاڪستان

سينيٽ ۾ شهباز گل جي معاملي تي هنگامو،پي ٽي آئي جو احتجاج،گوڙ

اسلام آباد :سينيٽ ۾ پي ٽي آئي جي اڳواڻ شهباز گل جي گرفتاري جي معاملي تي پي ٽي آئي جا ميمبر سخت حتجاج ۽ گوڙ ڪندي ڪاريون پٽيون ٻڌي ايوان ۾ آيا. چيئرمين سينيٽ جي ڊائس جو گهيرو ۽ نعريبازي ڪئي ته صادق سنجراڻي ڪاوڙجي پيو. ڪالهه چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جا سينيٽر ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ايوان ۾ آيا. اعتراض واري نقطي تي شهباز گل جي گرفتاري ۽ تشدد جي حوالي سان سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. سينيٽر شيري رحمان چيو ته جيڪي تصويرون ڏيکاريون ويون آهن، انهن ۾ تشدد ناهي ڪيو ويو. شيري رحمان جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبر گوڙ ۽ نعريبازي ڪندا رهيا. سينيٽ چيئرمين اپوزيشن کي نعرن کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته پنهنجين سيٽن تي نه ويندا ته اجلاس اڻڄايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيندس. مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته صبح جو تشدد ڪيو ويو اهو ضمير جاڳائڻ لاءِ ڪافي آهي. گذريل ڏينهن سينيٽ جو وفد پمز عيادت لاءِ ويو ته ملڻ نه ڏنو ويو. هن چيو ته فيئر ٽرائيل ضرور ڪريو، جڏهن ته انساني حقن جي ڀڃڪڙي نه ڪريو. مرتصيٰ جاويد عباسي موجوده حالتن جو ذميوار پي ٽي آئي کي ڄاڻائيندي چيو ته کين اقتدار کسجي وڃڻ جو ڏک آهي. انهن پنهنجي اقتدار وارن ڏينهن ۾ ٽي ٽي مهينا سياسي اڳواڻن کي تحويل ۾ رکيو ۽ ڪوئي ميڊيڪل بورڊ به نه جوڙيو ويو. ان دوران اپوزيشن گوڙ ۽ احتجاج جاري رکيو، جنهن تي چيئرمين صادق سنجراڻي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button