اسلام آبادپاڪستان

والدين ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا لازمي پيارين:وزيراعظم جي اپيل

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته وفاق ۽ صوبا گڏجي پوليو جهڙي مرض جي پاڙ پٽيندا ۽ پنهنجن ٻارڙن جو مستقبل محفوظ بڻائيندا. جمعي تي پوليو مهم شروع ٿيڻ تي خطاب ڪندي وزيراعظم سمورن پوليو ورڪرز ۽ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي به خراج تحسين پيش ڪيو، جيڪي خطرن کي منهن ڏئي ۽ پنهنجون حياتيون وڃائي پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياري مهم شروع ڪئي. وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، وفاقي وزير مريم اورنگزيب سنڌ جو وڏو وزير مرادعلي شاهه به ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم چيو ته پوليو خطرناڪ مرض آهي جيڪو ٻارڙن کي معذوري ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ سمورا والدين پنهنجي پنجن سالن جي عمر وارن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا لازمي پيارين ۽ قوم جي معصوم ٻارڙن جو مستقبل سنوارين. وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا ۾ پوليو جي پاڙ پٽجي چڪي آهي، پاڪستان ۾ به هي مرض ختم ٿي چڪو هو پر بدقسمتي سان ڪجهه علائقن ۾ پوليو جا ڪيس ٻيهر ظاهر ٿيا. وزيراعظم اهو عزم ڪيو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي پوليو جو خاتمو ڪندا ۽ گڏيل سوچ ويچار ۽ طاقت ڪتب آڻيندي ٻارڙن جو مستقبل محفوظ بڻائيندا. وزيراعظم پنهنجا فرض نڀائڻ دوران پنهنجي حياتي جي قرباني ڏيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي به خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم صحت واري وفاقي وزير، سنڌ جي وڏي وزير، سمورين صوبائي حڪومتن سان گڏوگڏ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو به شڪريو ادا ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button