پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ضلعي ۾ برسات سبب 8 هزار گهر پٽ، 14 هزار خاندا متاثر

سانگھڙ: سانگھڙ ضلعي ۾ مسلسل ٻن ڏينهن کان بنا وقفي برسات سبب سوين گهر ڊهي پيا، ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو. ان سلسلي ۾ سانگھڙ ضلعي ۾ ٻن ڏينهن کان جاري برسات جاري رهي. سانگھڙ، سنجھورو، ورڪشاپ، پيرونمل، کپرو، کاھي، ڀٽ ڀائٽين چوٽياري، ڪنڊياري، شگر مل، گڻنگ بنگلو، راويتاڻي، لٽڪو، سرنواري، ٽنڊو مٺا خان، جھول، المنصورہ، مڱراڙي، ڄام نواز علي، ڳجھڙو، ٻيراڻي، شھدادپور ۽ ٽنڊوآدم ۾ تاريخ جي وڏي ۾ وڏي برسات سبب سوين مسڪين ماڻھن جا اجھا پٽ ٿي ويا، ھزارين ماڻھن گھر ڇڏي محفوظ ھنڌن ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي آهي، سانگهڙ شھر ۾ ضلعي انتظاميا مخلتف اسڪولن ۾ برسات سٽيل ماڻهن کي ترسائڻ جا انتظام ڪيا، 24 ڪلاڪن کان بجلي نه هجڻ سبب رهواسي آزار ۾ اچي ويا. ٻئي پاسي سم نالن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال سبب زبردست ٻوڏ جھڙي صورتحال آھي، ڪيترن ئي علائقن مان سم نالن جا بند ٽٽڻ جي ويجھو ھئڻ سبب مقامي ماڻھو پھرا ڏئي رھيا آھن. ٻئي پاسي انتظاميا پاران نقصانن جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته برساتن دوران 10 ماڻهو فوت ٿي، جن ۾ 3 ٻار، 2 عورتون ۽ 5 مرد شامل آهي، 14 ماڻهو زخمي ٿيا، 8 ھزار 7 سئو 61 گھر تباھه ٿيا ۽ 14 ھزار 7 سئو 89 خاندان متاثر ٿيا. ضلعي ۾ پوکيل 90 سيڪڙو فصل تباهه ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button