پاڪستانسنڌ

“برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو” ميرواهه گورچاڻي ۾ رهواسين جو ڌرڻو

ميرواہه گورچاڻي: ميرواهھ گورچاڻي لڳ ڳوٺ جمعون لٻاري، غلام محمد لغاري ۽ ولي محمد جسڪاڻي مان برساتي پاڻي نيڪال ٿيڻ نه خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ميرواھه-ميرپورخاص مين روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي ضلعي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تيلوڪ باجوہ، دلدار لٻاري، نرسنگ ڪولهي، مختيار لغاري، ڪرم خان، نهال رٻاري، پپو رٻاري، عبدالله بنگلاڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڳوٺن ۾ چار کان پنج فوٽ برساتي پاڻي بيٺل آهي، اسان بار بار ڊي سي ميرپورخاص ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي شجاع سميت تعلقي شجاع آباد آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي. هنن چيو ته گهرن اندر برساتي پاڻي جي ڪري مڇرن جو آزار ٿي پيو آهي، جنهن سبب ٻار بيمار ٿيڻ لڳا آهن. هنن اعلى انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته مين روڊ تي سم نالي جي پاڻي نيڪال واري موري ٽوڙي برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو لنگهه وڏو ٺاهيو وڃي ته جيئن پاڻي نڪري سگهي. ٻئي پاسي روڊ بلاڪ هجڻ ڪري سوين مسافر گاڏيون ٻنهي پاسن کان بيهي ويون. پوليس ڪجهه دير کانپوءِ پهچي روڊ کولرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button