پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ ۾ ايل بي او ڊي سم نالي کي روڻيون، ماڻهن جي لڏپلاڻ

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ ۾ ايل بي او ڊي سم نالي کي روڻيون پئجي ويون، ماڻهن خوف ۾ لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي، لاڳاپيل انتظامي عملدار نه پهتا. رپورٽ موجب نئون ڪوٽ ۾ ايل بي او ڊي سم نالو اوور فلو ٿي ويو، جنهن سبب سم نالي کي ھنڌان ھنڌان روڻيون پئجي ويون ۽ نيڪال واريون گنديون لڙھي ويون. سم نالي کي ڳوٺ سائينداد عالماڻي وٽ روڻيون پئجي ويون، جيڪي ڪنهن به وقت وڌي گهاري ۾ تبديل ٿي سگهن ٿيون. ڍوري ۽ ايل بي او ڊي جي ميلاپ وارو گيٽ ايل بي او ڊي جي پاڻي جي پريشر ۾ اچي ٽٽي ويو. ايل بي او ڊي جو پاڻي نيڪال واري ڍوري ۾ اچڻ سبب ڍوري ۾ پاڻي جو دٻا وڌي ويو. ڍوري ۾ غير معمولي چاڙھه اچڻ سبب ڳوٺ جعفر دل، عبدالمجيد دل، عبدالڪريم خاصخيلي، واتڪل جو گھر، فضل ڀنڀرو، نفيس نگر ۽ طاھر آٿيلو سميت سوين ڳوٺن مان ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي. سم نالي کي لڳل روڻيون ٻڌڻ لا ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ مٽي جا ڪٽا ڀري پنهنجو بچا ڪرڻ لڳا، پر انتظامي عملدار سستي سبب نه پهتا. سم نالي جي گيج 1/2 .11 فوٽ کان به وڌي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button