پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ برسات سبب ڪيترائي گهر پٽ، اسڪولن ۾ پاڻي جمع

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ۽ ڀرپاسي ۾ برسات جي تيز وسڪاري ھيٺائين واري علائقن کي ٻوڙي ڇڏيو. گذريل ڏينهن شام 4 بجي کان هلندڙ برسات وونئڻن ۽ بصر جو فصل تباهھ ڪرڻ سان گڏ ڀينڊي، گوار، مڪئي، مرچ، پپيتا ۽ واڱڻ پڻ تباھه ڪري ڇڏيا. 3 ڏينهن اندر برسات سبب 80 کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. 3 ڏينهن کان بجلي، موبائل فون نيٽ ورڪ سميت مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. گورنمينٽ بوائز اسلاميه هائي اسڪول، زير تعمير ڊگري ڪاليج ۽ ٿاڻو برساتي پاڻي هيٺ آهن. برسات سبب ملاح پاڙي ۾ مرحوم مشتاق احمد ملاح، احمد ملاح، سليمان ملاح، هاشم ملاح، علي محمد ملاح، نظير ملاح، اسلم لغاري، مرحوم اصغر لغاري، علي محمد سمون، مير خان، نثار ڀانگرو، نرمل ميگھواڙ، صوڀو ميگهواڙ، ڀيمون ميگھواڙ، ڀورو، ڏلو پريتم، پرديپ، موهن، انيدو، ڀليو،ڪماڙيو گنگيو، بيوه مکي ميگھواڙ، ھريش ميگھواڙ، رسجيش نديم ميگھواڙ، راجيش ارجن، هرشن نندو ميگھواڙ، ماليهو، بيوه لاکيو، تيرٿ، موتي ميگھواڙ، پھلاج، مولچند، شنڪر، ڪامراج، گانڌي، ميگھواڙ بيوه اسو، خليل ميئو، علي محمد لوهار، ڪندن، رميش ميگھواڙ، عارب ڀيل، ڀانڪو ڀيل، محمد صالح خاصخيلي، ھرجي ميگھواڙ، بيوه ڌاريو ميگھواڙ، امولک ميگھواڙ ۽ رياض لوهار سميت 80 کان وڌيڪ مانهن جا گهر ڊهي پيا آهن، جنهن سبب سمورا ماڻهو گهرڀاتين سان گڏ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. شھيد ڀٽو چوڪ تي اقبال ميڊيڪل اسٽور، موهن ميڊيڪل اسٽور، حاجي نبي خان ميئو پيٽرول پمپ، نديم ملاح جي هوٽل، حيدر ڪنڀار جي هوٽل ساجد ملڪ جنرل اسٽور، اڳوڻي بنئڪ ۾ برساتي پاڻي داخل ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button