ڊگھڙي: ڊگهڙي شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ برسات کانپو صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي. برسات متاثر واهن ۽ شاخن روڊن جي ڪپرن تي کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، پر تعلقي انتظاميه گم آهي. متاثرن چيو ته اي سي سميت ڪو به سرڪاري آفيسر سار لهڻ لا ناهي پهتو، نه ئي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. گورنمينٽ بوائز هائي اسڪول ۾ قائم رليف ڪئمپ پاڻي ۾ ٻڏل آهي، جنهن ڪري اسان پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ڳوٺ نور محمد موسيپوٽا،فقير غلام علي لغاري، عبدالحميد خير، حاجي عثمان مهر، ديھهه 77 ۽ ديهھ 161 سميت سمورو تعلقو پاڻي جي لپيٽ ۾ آهي. شهر ۾ سرفراز واھه ۾ پاڻي اوور ٽاپ ٿي جيلاني پاڙي ۽ مير جان محمد ڪالوني جي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي، جنهن سبب ماڻھو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا، تعلقي اسپتال جي رهائشي ڪالوني جي گهرن ۾ پاڻي ڪاهي پيو، ڊائيلاسز سينٽر، مرده خانو ۽ اسپتال جي گهڻي ڀاڱي ايراضي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي وئي. پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي مير طارق خان ٽالپر ڳوٺ ديھه 170 ڀرسان ايل بي او ڊي کي لڳل گهاري واري جا تي پهچي جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل اختيارين کي گهارو بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آبادگارن چوڌري سيف الله گل،فقير اورنگزيب لغاري، فيض محمد رمداڻ ۽ ڪاشف اڪبر جوڻيجو چيو ته ڊگهڙي تعلقي کي آفت سٽيل قرار ڏئي زراعت جي ٿيل نقصان تي آبادگارن کي اسپيشل رليف پيڪيج ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close