پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ روڊن تي ويٺل متاثرن جي انتظاميا مدد نه ڪئي

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهار ۾ 3 ڏينهن کان مسلسل پوندڙ برسات بند ٿي وئي. شهر جي انڙ پاڙي، شهباز ڪالوني، مدينه ڪالوني، خواجه اجمعير ڪالوني ۽ ڀيل ڪالوني سميت ٻين ڪالونين ۾ پاڻي بيٺل آهي. مين کڏ ۽ انڙ پاڙي مان برسات جو پاڻي ڪڍڻ لا 3 مشينون لڳايون ويون، جنهن ڪري انڙ پاڙي ۽ ٻين ڪالونين ۾ بيٺل پاڻي گهٽجي ويو. جڏهن ته برسات متاثرن جي لڏپلاڻ جو سلسلو هلندڙ آهي. يوسي بڪيرا شريف جا برسات متاثر روڊن تي خيما کوڙي ٻارين ٻچين ويهي رهيا آهن، جن چيو ته اسان جي گهرن ۾ برسات جو پاڻي اچي ويو آهي، روڊن تي بي يارومددگار ويٺا آهيون، ڪير به سار لهڻ وارو نه آهي، انتظاميا سار نٿي لهي ۽ نه ئي وري چونڊيل نمائندن ڪو ٻوٽو ٻاريو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button