چين ۾ سخت گرمي جي لهر ۽ ڏڪار آيل آهي، جنهن سبب ملڪ جا 66 درياهه سڪي ويا آهن ۽ معيشت کي 400 ملين ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان پهچي چڪو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق چين جا علائقا سچوان کان شنگهائي تائين سخت گرمي جي وڪڙ ۾ آهن ۽ ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ڏڪار جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. چين جي صوبي جيناگ شي ۾ پويانگ ڍنڍ سڪي وئي آهي، جڏهن ته اولهه چين جي 34 ڪائونٽيز جا 66 دريا سڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن. چين جي سرڪاري ميڊيا مطابق چنگ چنگ ۾ هلندڙ سال معمول کان 60 سيڪڙو گهٽ مينهن رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ مٽي اندر گهم گهٽجي وئي آهي. ٻئي طرف چين جي هنگامي معاملن واري وزارت موجب جولاءِ ۾ سخت گرمي سبب لڳ ڀڳ 55 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته معيشت کي 400 ملين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close