ڪوٽڏيجي: ڪنب ۾ 24 ڪلاڪ وسندڙ برسات علائقي ۾ تباھي مچائي ڇڏي، 85 سيڪڙو ڪنب ٻڏي ويو. 100 کان وڌيڪ ڪچا گھر پٽ پئجي ويا. ھزارين متاثر کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل. ڪاروباري سرگرميون ٺپ، ڏھاڙي وارا سوين پورھيت بيروزگار بڻجي ويا. چونڊيل نمائندا توڙي انتظاميا گم، متاثرن جو احتجاج. رپورٽ مطابق ملڪ جيان تعلقي ڪوٽڏيجي جي ٽنھي ٽائونن ڪنب، فقيرآباد ۽ يونين ڪائونسلن ۾ مسلسل ٻن مھينن کان برساتون ھلن پيون. متاثر ته سڀ شھري ٿيا آھن پر ڪنب شھر تمام گھڻو متاثر آھي شھرين جي گھرن ۾ ٽي ٽي فٽ پاڻي بيھجي ويو آھي، راشن، اناج، توڙي گھريلو ٻيو سامان به گندي پاڻي جي ور چڙھي ويو آھي. بلدياتي آفيسر ۽ پبلڪ ھيلٿ آفيسر بجيٽ ته ھڙپ ڪن پيا ڪوڙا بل ٺاھڻ جا ماھر آھن پر انساني ھمدردي ڪون اٿن. ڪنب جا ڊسپوزل بند آھن جنهن ڪري شهر مان پاڻي نڪري نه سگهيو آهي. شھر ٻڏي رهيو آهي. برسات ۽ گٽرن جو پاڻي گھرن ۾ بيٺل آھي پر چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميا تي ڪو به فرق نه ٿو پوي. انتظامي نااھلي جي ڪري کنڊر ٿيل شھر ڪنب برسات ۾ وڌيڪ کنڊر ٿي ويو. جڏهن ته ڪوٽڏيجي تعلقي مان چونڊيل ايم اين اي نفيسا شاهھ ۽ ايم پي اي منور وساڻ پنھنجي تڪ جي عوام جي سار نه لڌي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close