پاڪستان

اگهه نه وڌائڻ تي 100 کان وڌيڪ دوائون ناياب ٿيڻ جو خدشو

دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين جي تنظيم اگهن ۾ واڌ کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن قيمتون نه وڌايون ويون ته مختلف قسمن جون 100 کان وڌيڪ دوائون مارڪيٽ مان غائب ٿي وينديون. فارما سيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي چيئرمين قاضي منصور خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي ڪابينا 35 دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري نه ڏني پر انهن دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ضروري آهي، تجويز ڪيل دوائن ۾ بخار، اينٽي بايوٽڪ، ڪينسر ۽ ٽي بي جون دوائون شامل آهن. هن چيو ته اگهه نه وڌائڻ سان بخار جون دوائون مارڪيٽ ۾ ناياب ٿي ويون آهن، ان سان گڏوگڏ 100 ٻين دوائن جي ناياب ٿيڻ جو خدشو آهي، وزيراعظم جي جوڙيل ڪميٽي کي سفارشون پڻ ڏنيون ويون آهن ته وفاقي ڪابينا دوائن جا اگهه نه وڌائڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري، جيڪڏهن اگهه نه وڌيا ته دوائن جي صنعت بند ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button